ڄام جکرو ڳهڙ راءُ

ڄام جکرو ڳهڙ راءُ: ڄام جکرو ڳهڙ راءُ سنڌ جي سخي سردارن مان ٿي گذريو آهي. هيءُ لاڙ جي پاتار بند جو رهاڪو هو ۽ پنهنجي دؤر جو مثالي سخي ڏاتار هو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سر بلاول ۾ جکري وڳهڙ راءِ جي سخا جو ذڪر هن طرح آندو آهي ته:
پيهي پِن پاتار ۾، جت ڳِڙَههَ گنگا، جَرُ راءُ،
ڇڏي حِيلا هِنَ هَنڌََ جا، ٿي جِکري پاسي جاءُ،
اوڏو ٿيءُ الله کي، کاڄِ تَنهِين جو کاءُ،
سُکَنِ ايندُءِ ساءُ، ويلهِه ويندءِ وسري.
(شاهه جو رسالو (الف- ب وار)، مرتب: ڊاڪٽر محمد عالم سومرو)


لفظ ڄام جکرو ڳهڙ راءُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو